کيمن يو مولاڻي

کيمن يو مولاڻي

کيمن يو مولاڻي

کيمن يو مولاڻي: شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس ۽ مترجم کيمن يو مولاڻيءَ جو جنم 10 جون 1944ع تي ڳوٺ درس، تعلقي موري ۾ شري اُڏير نومل جي گهر ۾ ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان سنڌ مان لڏي وڃي بئراڳڙهه ڀوپال (هندستان) ۾ رهيو، جتي اسڪولي تعليم بعد سرڪاري نوڪري ڪندي سپرنٽنڊنٽ جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. اسڪولي دؤر کان ئي کيس سنڌي ادب ۽ ٻولي سان دلچسپي هئي. ادبي کيتر ۾ هن 1960ع کان قدم رکيو. سندس پھرين ڪوتا ”زردار“ بئراڳڙهه جي هاير سيڪنڊري اسڪول جي مخزن ۾ شايح ٿي. سندس شاعريءَ جا مجموعا، ترجمو ڪيل ۽ اصلوڪيون ڪھاڻيون ڇپيل آهن. هنديءَ مان سنڌي ۽ سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ڪھاڻيون، ناول ۽ مضمون ترجمو ڪري چڪو آهي. هن ٻارن لاءِ به ڪوتائون لکيون آهن. هن شاعريءَ ۾ غزل، نظم، بيت، وايون، دوها، ٽيڙو ۽ نثري نظم لکيا آهن. مڌيه پرديش راشٽريه ڀاشا پرچار سمتي ڀوپال طرفان ساميءَ جي سلوڪن جي هندي ترجمي تي کيس مڌيه پرديش جي گورنر هٿان انعام مليو. کيمن. يو مولاڻي نئشنل فرينڊس ڪلب بئراڳڙهه جي سالياني مخزن ”رم جهم“ جا پنج پرچا شايح ڪرايا. مڌيه پرديش حڪومت جي نگراني هيٺ ”سنڌو مشعال“ ۽ ”سنڌو ٻال مشعال“ نالي ساليانه رسالن جو پڻ ايڊيٽر ٿي رهيو.سندس ڇپيل سنڌي ڪتابن ۾: ”ٽارين جهليا ٻور“ (ڪوتائون 1986ع)، ”اُڏر اُڏر پوپٽڙا (ٻال ڪوتائون 1989ع)، ”اڱڻ مٿي اوپرا“ (ڪوتائون 1989ع)، ”اوسيئڙو“ (ڪھاڻيون 1998ع)، ”هل ڙي مٽڪا“ (ٻال ڪھاڻيون 2001ع)، ”لنو سنديو لاتيون“ (ڪوتائون 2003ع)، ”سھڻا گلڙا ٻارا“ (ٻال ڪوتائون 2005ع)، ”ڌرتيءَ کان آڪاس تائين“ (ڪوتائون 2010ع)، ”جيءَ ۾ ٽانڊا“ (2016ع)، ”لاٿم ڪَس قلوب کان“ (ادبي مقالا ۽ مضمون 2022ع) ۽ ”حرف نه ڄاڻان هيڪڙو‘ (ادبي مقالا ۽ مضمون: 2023ع) شامل آهن.هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو: ”پاڇو“ (چونڊ ڀارتيه ٻولين جون ڪھاڻيون 1988ع)، ”جپ ۽ ڌيان پنڊت شريرام (شرما آچاريه 2010ع)، ”نئين جڳ جو مڇيءَ جو اوتار“ (شريرام شرما آچاريه 2010ع)، ”ڊاڪٽر امبيڊڪر“ (رتن ڪمار سامڀريا 2010ع)، ”گيتانجلي“ (رابندر ناٿ ٽئگور 2012ع)، ”ميان جان جي ڪڪڙ“ (رتن ڪمار سامڀريا، ڪھاڻيون)، ”ميگهدوت“ (ڪاليداس، ڪوتائون 2014ع)، ”جل تون جلال تون“ (پربوڌ ڪمار گوول، ناول 2014ع)، ”خاموشين جي ديس ۾“ (جيا جادواڻي، ڪھاڻيون 2014ع)، ”ڪٿي نه اُتي“ (اشوڪ واجپيئي ڪوتائون 2022ع) ۽ ”نارايڻ گرو“ (ٽي ڀاسڪرن، مونوگراف 2023ع).سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو: ”سنڌ ڪا اتھاس“ (موهن گيھاڻي 2004ع)، ”ڪلچرل باءِ پاس سرجري“ (ڊاڪٽر ستيش روهڙا 2004ع)، ”سامي ڪي شلوڪ“ (ڀاڱو پھريون، سامي 2005ع)، ”سنڌي لوڪ گاٿائين“ (سمپادن ۽ ترجمو)، ”سندر سي بچي“ (ٻال ڪوتائون 2005ع)، ”ڪڇ ڪي ياترا“ (تاج قابل 2009ع)، ”پھلا پيار (گوبند خوشحالاڻي 2009ع)، ”چڙيا رئن بسيرا“ (ڪھاڻيون 2010ع)، ”بھي کاتي ڪي پني“ (لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا 2011ع)، ”پياس“ (هري همٿاڻي، ناول 2011ع)، ”شھيد بختاور“ (خادم علي شاهه 2011ع)، ”ديش تو ميرا“ (گوبند خوشحالاڻي 2012ع)، ”بھي کاتي ڪي پني“ (ڀاڱو ٻيو، لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا 2012ع)، ”سامي ڪي شلوڪ“ (ڀاڱو ٻيو، ڪوي سامي 2012ع)، ”سامي ڪي شلوڪ“ (ڀاڱو ٽيون، ڪوي سامي 2012ع)، ”بھي کاتي ڪي پني“ ( لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا، آتم ڪٿا، ڀاڱو ٽيون 2018ع)، ”چل ري مٽڪي“ (کيمن مولاڻي، ٻال ڪھاڻيون 2014ع)، ”درپن ڪي سامني“ (ڪلا پرڪاش، ناول 2015ع) شامل آهن. کيس ادبي مڃتا طور اوارڊ ۽ انعام ملي چڪا آهن جن ۾: ”اين سي آر ٽي جو انعام“ (1992ع)، ”راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد جو انعام“ (1997ع)، ”اين سي پي ايس ايل جو انعام“ (2004ع)، ”مڌيه پرديش راشٽريه ڀاشا پرچار سمتي ڀوپال جو انعام“ (2005ع)، ”مڌيه پرديش راشٽريه پرچار سمتيء جو انعام“ (2009ع)، ”مرڪزي ساهتيه اڪادمي جو انعام“، (2010ع)، ”مرڪزي ساهتيه اڪادمي جو انعام“ (2013ع). سندس ڪوتائون ۽ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون آڪاش واڻي ڀوپال ۽ آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿينديون رهن ٿيون. هن وقت بئرا ڳڙهه ڀوپال ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.06.10  عيسوي

شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس ۽ مترجم کيمن يو مولاڻيءَ جو جنم 10 جون 1944ع تي ڳوٺ درس، تعلقي موري ۾ شري اُڏير نومل جي گهر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلهي شاهه
غلام حيدر شر گودڙيو
رفيق امروٽي
سيد غلام محمد شاهه گدا
حاجي محمد يوسف ميمڻ
نظر سنڌي
عبدالله خواب حيدرآبادي
عـبـدالله وريـاهه
تيوڻو حفيظ
آخوند فقير محمد عاجز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون